جامي مولانا عبدالرحمان

جامي مولانا عبدالرحمان

جامي مولانا عبدالرحمان

جامي مولانا عبدالرحمان: مولانا عبدالرحمان ’جامي‘ دين جو تمام وڏو عالم، صوفي ۽ فارسيءَ جو اعليٰ پايي جو شاعر هو. سندس اصل نالو نورالدين عبدالرحمان ۽ ’جامي‘ سندس تخلص هو. هن جي والد بزرگوار جو نالو نظام الدين احمد دشتي هو. 23 شعبان 817 هه/ 7 نومبر 1414ع ۾ خراسان جي ضلعي ’جام‘ جي ڳوٺ ’خرجرد‘ ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان پهريان ’دشت‘ ۾ رهندو هو (اهو ئي سبب آهي ته مولانا جامي پهريان دشتي تخلص استعمال ڪندو هو) بعد ۾ سندس والد ’دشت‘ ڇڏي جام واري علائقي ۾ رهيو، ان ڪري ’جامي‘ تخلص اختيار ڪيائين. ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد سان گڏ هرات ۽ سمرقند ويو، جيڪي اسلامي علمن جا تمام وڏا مرڪز هئا، جتان هن اسلامي علم، تاريخ ۽ ادب جي تعليم حاصل ڪئي ۽ ان ۾ ڪمال حاصل ڪيو. بعد ۾ بزرگ سعد الدين محمد ڪاشغريءَ جو مريد بڻيو، جيڪو نقشبندي سلسلي جي بانيءَ بهاءُ الدين نقشبنديءَ جو مريد ۽ خليفو هو. مرشد جي لاڏاڻي کان پوءِ خلافت جي مسند تي ويٺو. 877هه مطابق 1472ع ۾ بيت الله جو حج ڪيائين. واپسيءَ ۾ همدان، ڪردستان ۽ بغداد، ڪربلا، نجف، دمشق، صلب ۽ تبريز جي علائقن کان ٿيندو پنهنجي وطن پهتو. باقي زندگي هرات ۾ گذاريائين. جيتوڻيڪ هو تمام بلند پايي جو شاعر هو، پر سموري زندگي ڪنهن درٻار جو رخ نه ڪيائين، ۽ نه ئي ڪنهن بادشاهه جي خوشامد ڪيائين. سندس زماني جا بادشاهه سندس گهڻي عزت ڪندا هئا. مغل شهنشاهه ظهيرالدين بابر سندس متعلق چيو هو. ”عقلي علمن ۾ هن جو ڪو به برابري ڪندڙ نه هو“.

نائين صدي هجريءَ ۾ جڏهن سندس شهرت ترڪيءَ ۾ پهتي ته اتان جي بادشاهه هن کي استنبول اچڻ جي دعوت ڏياري. بايزيد (ٻئي) ٻه ڀيرا پيغام موڪليا هئس. هن بابت دولت شاهه جو چوڻ هو ته جامي آخري عمر ۾ هوش ۽ حواس وڃائي ويٺو هو پر علي شير نوائي انهيءَ ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي، جيڪو آخري عمر تائين مولانا جاميءَ سان گڏ هو.

مولانا جاميءَ جون ڪيتريون تصنيفون آهن، جن جي پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته هو ڪيترن ئي علمن تي عبور رکندو هو. سندس تصنيفون اڪثر نثر ۾ آهن، پر اها عجيب ڳالهه آهي ته کيس شهرت شاعريءَ جي بنياد تي ملي. نظم ۾ سندس تخليقون ست مثنويون آهن، جيڪي ’مثنوي هفت اورنگ‘ جي نالي سان مشهور آهن. ان کان سواءِ غزلن ۾ سندس ٽي مجموعا آهن:

(1) فاتحته الشباب (884هه/1479ع)، (2) واسطة العقد (894هه/ 1488ع)،

(3) خاتمة الحيات (895 هه/ 1489ع) جي نالن سان ڇپيل آهن. مثنوين ۾ جيڪي ’هفت اورنگ‘ جي نالي سان مشهور آهن، تن ۾: (1) مثنوي سلسلة الذهب (873 هه/1468ع)، (2) مثنوي سلامان وابسال (885هه/1480ع)، (3) مثنوي تحفة الاحرار (886 هه/1481ع)، (4) مثنوي سبحة الابرار (887 هه/1482ع)، (5) مثنوي يوسف زليخا (888هه/ 1483ع)، (6) مثنوي ليلا مجنون (889هه/ 1484ع)، (7) مثنوي خردنامه سڪندي (890 هه/1485ع) شامل آهن. نثر ۾ سندس تصنيفون: (1) تفسير، (2) شرح فصوص الحڪم، (3) رسالا في الوجود،

(4) رسالا لا اِلــٰه الاالله، 5- شواهد النبوة، (6) اشعة اللمعات، (7) شرح رباعيات، (8) رساله تحقيق مذهب صوفي و متڪلم و حڪيم، (9) رساله مناسڪ حج، (10) مناقب، (11) نفحات الانس، خواجا عبدالله انصاري وغيره مشهور آهن.





هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1414.11.07  عيسوي

جامي مولانا عبدالرحمان: مولانا عبدالرحمان ’ جامي ‘ دين جو تمام وڏو عالم ، صوفي ۽ فارسيءَ جو اعليٰ پايي جو شاعر هو . سندس اصل نالو نورالدين عبدالرحمان ۽ ’ جامي ‘ سندس تخلص هو. 23 شعبان 817 هه/ 7 نومبر 1414ع ۾ خراسان جي ضلعي ’ جام ‘ جي ڳوٺ ’ خرجرد ‘ ۾ پيدا ٿيو .


0817.08.23  هجري

جامي مولانا عبدالرحمان: مولانا عبدالرحمان ’ جامي ‘ دين جو تمام وڏو عالم ، صوفي ۽ فارسيءَ جو اعليٰ پايي جو شاعر هو . سندس اصل نالو نورالدين عبدالرحمان ۽ ’ جامي ‘ سندس تخلص هو. 23 شعبان 817 هه/ 7 نومبر 1414ع ۾ خراسان جي ضلعي ’ جام ‘ جي ڳوٺ ’ خرجرد ‘ ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنڊت وجئه لڪشمي
عبداللطيف تنيو ڊاڪٽر
سيده شهلا رضا
پير بخش فاروقي،دلريش
خير محمد ڏاهري
طفيل علي عبدالرحمان
امام بخش خان مير
حاجي ابو طالب اگهمي
اڪبر بادشاهه
پير ميان غلام مجدد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون